زيڊ اي شيخ

زيڊ اي شيخ

زيڊ اي شيخ

زيڊ. اي شيخ: سنڌي ٻوليءَ جي ممتاز ليکڪا ۽ سنڌي عورت صحافي زيڊ. اي. شيخ جو پورو نالو زيب النساء شيخ هو. سندس جنم 25 نومبر 1944ع تي حيدرآباد جي علائقي ٽنڊي آغا ۾ هڪ معروف خاندان ۾ ٿيو. جنهن جو تعليم، ادب، ثقافت ۽ صحافت سان گهرو واسطو هو. 1960ع واري زماني ۾ روزاني عبرت ۾ عورتن جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ جو اجراءُ سندس هٿان ٿيو. جنهن وسيلي سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ پتوڙيندي رهي. ان زماني ۾ عبرت ۾ عورتن جو صفحو نه صرف معيار جي لحاظ کان غير معمولي طرح مقبول ٿيو، پر سنڌي پريس ۾ عورتن جي صفحي جي ابتدا زيڊ. اي. شيخ جي ئي ڪوششن سان ٿي. هيءُ ڪنهن سنڌي اخبار جو پهرين عورتن جو صفحو هو ۽ اهو به اهڙي دؤر ۾ جڏهن عورتن ۾ لکڻ جو رجحان تمام گهٽ هو، جيڪڏهن ڪا عورت لکندي به هئي ته پنهنجو اصلي نالو ظاهر نه ڪندي هئي. سندس صدارت هيٺ نڪرندڙ هن صفحي ۾ جن عورتن لکڻ جي شروعات ڪئي، اهي اڳتي هلي تمام نامياريون اديبائون بڻيون. سندس لاتعداد مضمون، سنڌي عورتن جي ادبي، سماجي ۽ تعليمي تر بيت جو سبب بڻيا. انهن عورتن ۾ علمي ۽ ثقافتي سجاڳي ۽ ذوق شوق پيدا ڪيو. عبرت جي انهيءَ صفحي جي مقبوليت کي ڏسي بعد ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ ٻين سنڌي اخبارن نواءِ سنڌ، مهراڻ، خادم وطن ۽ هلال پاڪستان ان جي پيروي ڪئي.
زيڊ. اي. شيخ جا لکيل افسانا، ڊراما، فيچر، خاڪا، گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ٻيا نشرياتي پروگرام هڪ وڏي عرصي تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندا رهيا ۽ عورتن جي مقبول پروگرام ’سگھڙين سٿ‘ جي انچارج جي حيثيت ۾ پڻ وڏو عرصو فني خدمتون سر انجام ڏنائين. اڳتي هلي پاڪستان ٽيليوزن تان پڻ سندس ڪيترائي ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيا. زيڊ. اي شيخ جا لکيل ڊراما سنڌ جي ٽنهي ريڊيو اسٽيشن تان هڪ ئي وقت نشر ٿيندا هئا، ايتري تائين جو هر ڊرامو گهڻين فرمائشن جي ڪري بار بار ٽيليڪاسٽ ٿيندو هو. سندس لکڻين ۾ عام ماڻهوءَ جو عڪس ۽ مسئلا شامل هوندا هئا. هن ريڊيو جي مختلف پروگرامن جا اسڪرپٽ به تحرير ڪيا ۽ فيچرز به لکيائين جنهن سان عورتن جا پروگرام دلچسپ بڻيا ۽ انهن پروگرامن ٻڌندڙن ۾ مقبوليت ماڻي. هن عورتن جي حوالي سان ڪافي نالو ڪمايو. ستر واري ڏهاڪي ۾ هن ’سنڌ کان سوات تائين‘ هڪڙو سفرنامو لکيو جيڪو ماهوار ’نئين زندگي‘ ۾ قسطوار شايع ٿيو. سندس ڪيترن ئي اديبن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ممتاز مرزا، ع. ق شيخ ۽ محمد يعقوب ميمڻ سان ويجهڙائپ رهي. زيڊ. اي. شيخ جا لاتعداد مضمون مختلف رسالن مارئي، عبرت ۽ ’زينت‘ ۾ پڻ شايع ٿيندا رهيا. خاص طرح سان ’ڪوهه مريءَ جو سير‘ نالي لکيل سفرنامو، صحافت جي حوالي سان سندس ابتدائي سفرنامو هو. زيڊ. اي. شيخ جو وڏو ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل، تعليم، لغت ۽ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ مثالي خدمتگذار ٿي گذريو آهي. سندس ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان سان سلهاڙيل هو. سندس ٽئين ڀاءُ شيخ عزيز کي صحافت ۽ تحقيقي شعبن ۾ غير معمولي دسترس ۽ مڃتا حاصل آهي. زيڊ. اي. شيخ 19 سيپٽمبر 2009ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو